مسجدن اندر فائرنگ ڪندڙ آسٽريلوي دهشتگرد عدالت ۾ پيش

0
103
NewZealand Court

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ جمعي واري ڏينهن مسجدن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد برينٽن ٽيرينٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

پوليس آسٽريلوي دهشتگرد برينٽن ٽيرينٽ کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس موجب دهشتگرد تي قتل جا الزام آهن، جڏهن ته ٻين الزامن ۾ دهشتگرد کي وڌيڪ جاچ کانپوءِ پيش ڪيو ويندو.

پوليس موجب دهشتگرد جو 5 اپريل تائين جو رمانڊ ورتو ويو آهي، رمانڊ پورو ٿيڻ تي جوابدار کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY