ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون: ناڻي وارو وزير اسد عمر

0
119
Asad Umar

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسد عمر جو چوڻ آهي ته ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته انسان غلطي ڪندو آهي ۽ مان به غلطي ڪندو آهيان، هڪ وڏي اخبار منهنجي حوالي سان خبر ڇاپي ته مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام جون رڙيون نڪري وينديون.

اسد عمر جو چوڻ هو ته مان اهي لفظ چيا ئي ناهن، مشڪل وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف اسان کي چيو ته ڏکيا قدم کڻو، اسان اپاءَ ورتا آهن، اسان آءِ ايم ايف سان ٺاهه جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.

 آءِ ايم ايف جا ماڻهو هلندڙ مهيني پاڪستان اچي رهيا آهن، مان به آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ وڃي رهيو آهيان.

LEAVE A REPLY