علي ظفر پاران ميشا شفيع خلاف ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائڻ جي درخواست

0
79
Ali zafar And Meesha Shafi

لاهور (ويب ڊيسڪ) علي ظفر ميشا شفيع خلاف داخل ڪيل ڪيس جو جلد کان جلد فيصلو ٻڌائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب راڳي علي ظفر ڳائڻي ميشا شفيع خلاف داخل ڪيل ڪيس جو جلد کان جلد فيصلو ٻڌائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، ميشا شفيع علي ظفر تي هيسائڻ جو الزام مڙهيو هو.

اها درخواست علي ظفر جي وڪيل رانا انتظار پاران سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪراِئي وئي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪيس هڪ سال کان ٻڌڻي هيٺ آهي، ميشا شفيع مختلف طريقن سان ڪيس کي دير جو شڪار ڪري رهي آهي.

عدالت ميشا شفيع کي 19 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY