پي ايس ايل جو فائنل: ڪوئٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي ۾ مقابلو

0
48

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي ٽرافي تي قبضي جي جنگ، اڄ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

پي ايس ايل فائنل جي لاءِ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر کٽڻ لاءِ پر عزم آهن، ۽ شوقينن جو جوش به ڏسڻ وٽان آهي.

پاڪستان سپر ليگ سيزن 4 جو ميلو، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ايونٽ جي پڄاڻي واري پروقار تقريب ٿي، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين احسان ماني، صدر عارف علوي، ڊي جي آءِ اي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا شريڪ آهن.

تقريب ۾ ناليواري ڳائڻي ابرار الحق ۽ فواد خان پرفارمنس ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته ڪرڪيٽ شهرين جي چهرن تي مرڪون آڻي ٿي، پي ايس ايل 5 پاڪستان ۾ ڪرائينداسين.

هن چيو ته وزير اعظم، صدر ۽ سنڌ جي وڏي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان سپر ليگ سيزن 4 جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيڻ اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، ايندڙ سال پي ايس ايل جون سموريون ميچز پاڪستان ۾ ٿينديون.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيڻ تي خوشي آهي.

LEAVE A REPLY