ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پي ايس ايل جي چئيمپين بڻجي وئي

0
100
QuettaGladiators

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي شڪست ڏئي چئيمپين بڻجي وئي.

تفصيل موجب پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي فائنل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پشاور زلمي کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

 پشاور زلمي طرفان ڪامران اڪمل ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر ٻئين ئي اوور ۾ امام الحق ٽي رنسون ٺاهي محمد حسنين جي بال تي احمد شهزاد جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

ميچ جي چوٿين اوور ۾ ڪامران اڪمل به 21 رنسون ٺاهي محمد نواز جي بال تي بولڊ ٿيو جڏهن ته صهيب مقصود به 20 بالن تي 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، کيس ڊوائن براوو رائلي روسو جي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو.

 ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان اننگز جي شروعات شين واٽسن ۽ احمد شهزاد ڪئي پر شين واٽسن 7 رنسون ٺاهي عمر امين جي شاندار ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته احسن علي به 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

 65 رنسن تي ٻن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ احمد شهزاد ۽ رائلي روسو ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري.

LEAVE A REPLY