وزيراعظم پاران گئس بلن جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت

0
46
Gas Bill

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان گئس بلن ۾ اضافي جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ رقم مخصوص ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل مطابق گئس بلن ۾ اضافي جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت کي 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم عمران خان طرفان هلندڙ سال جون تائين سموري اضافي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ بلنگ جي رقم ٽن مرحلن ۾ واپس ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY