جذبن جي شهنشاهه محمد علي جي وڇوڙي کي 13 سال گذري ويا

0
52

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلمن جي بهترين  اداڪار محمد علي جي وڇوڙي کي 13 سال گذري ويا آهن.

اداڪار محمد علي 19 اپريل 1930ع تي ڀارت جي شهر رام پور ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان اچي هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي کان فن جي شروعات ڪئي.

 محمد علي جي بهترين آواز هن کي بهترين براڊ ڪاسٽر جي حيثيت سان مڃرايو ۽ فلمي دنيا تائين پهچايو.

 محمد علي 1962ع ۾ فلم “چراغ جلتا رها” ۾ ولن طور فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هيرو طور سندس جي پهرين فلم “شرارت” هئي.

محمد علي جي شهرت جي شروعات 1964ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم “خاموش رهو” سان ٿي، ان فلم تي هن کي مددگار اداڪار طور پهريون ايوارڊ به مليو ۽ سندس کي جذبن جي شهنشاهه جو خطاب پڻ  ڏنو ويو.

 اداڪار محمد علي ايشيا جي 25 بهترين اداڪارن جي فهرست ۾ شامل آهي. هن 275 فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ اردو، پنجابي، پشتو، بنگالي ۽ هندي فلمون شامل آهن.

اداڪار محمد علي  19 مارچ 2006ع ۾ 75 ورهين جي عمر ۾ دنيا ڇڏي ويو.

LEAVE A REPLY