پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي 8 سال قيد جي سزا

0
101
model tereza

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي منشيات اسمڪلنگ ڪيس ۾ 8 سال ۽ 8 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

لاهور جي سيشن عدالت منشيات اسمڪلنگ ۾ ملوث چيڪ ري پبلڪ جي ماڊل ٽريزا تي هڪ لک 13هزار 337 رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو آهي.

عدالت ماڊل ٽريزا ڪيس ۾ ملوث شريڪ جوابدار شعيب حفيظ خان کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته عدالتي فيصلو ٻڌندي ئي پرڏيهي ماڊل ٽريزا روئي ڏنو.

ٻڌڻي دوران چيڪ ري پبلڪ جي سفارتخاني جي ڊپٽي ڊائريڪٽر به عدالت ۾ موجود هئي.

LEAVE A REPLY