ٽماٽي جي استعمال سان معدي جي ڪينسر جي روڪٿام ممڪن

0
71
Health tomato

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽماٽو اسان جي کاڌن ۾ استعمال ٿيندڙ تمام عام شئي آهي، ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ٽماٽي جو استعمال ڪينسر کان بچاءُ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

 معدي جي ڪينسر جنهن کي گيسٽرڪ ڪينسر به چيو ويندو آهي پوري دنيا ۾ ڪينسر جو انتهائي عام قاسم آهي، اهو ڪجهه وقتن تي وراثتي به ٿي سگهي ٿو پر گهڻي قدر اهو غير متوازن ۽ غير صحت مند غذائي عادتن سبب پيدا ٿيندو آهي.

تحقيق موجب ٽماٽي جا جزا معدي ۾ ڪينسر جي خلين جي واڌ ويجهه کي روڪيندا آهن، ٽماٽي ۾ ڳاڙهو رنگ وکيريندڙ هڪ جزو لائسوپين ڪينسر خلاف وڙهي سگهي ٿو.

 ان کان علاوه پوري ٽماٽي جو جزو گيسٽرڪ ڪينسر جا خليا ڦهلجڻ کان روڪيندو آهي.

LEAVE A REPLY