دنيا جي 100 پرڪشش شخصيتن جي فهرست ۾ 4 پاڪستاني به شامل

0
115
Showbiz

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي سي ڪينڊلر طرفان دنيا جي 100 خوبصورت ۽ پرڪشش شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اداڪار فواد خان ۽ ماهرا خان سميت 4 پاڪستانين کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب ٽي سي ڪينڊلر طرفان هر سال پوري دنيا مان 100 خوبصورت ۽ پرڪشش شڪلين جي فهرست جاري ڪئي ويندي آهي.

 هلندڙ سال به ٽي سي ڪينڊلر سال 2019ع جي لاءِ پوري دنيا مان 100 خوبصورت ۽ پرڪشش شڪلين جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ اداڪار فواد خان، ماهرا خان، عمران عباس ۽ ڳائڻي مومنا مستحسن کي به خوبصورت چهرن ۾ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

پاڪستاني اداڪارن سان ان فهرست ۾ ڪورين اداڪار لي من هو، برطانوي اداڪار ريان سمر هالڊر، ايما واٽسن، شاهه رخ خان، سلمان خان، ٽام ڪروز، زيڪ ايفرون سميت شوبز جي دنيا جا وڏا نالا شامل آهن.

LEAVE A REPLY