ڪراچي ۾ هلندڙ سال پوليو جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

0
69
Karachi Polio

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ هلندڙ سال پوليوجو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته لياري ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي کي پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آهي جيڪو هلندڙ سال جو پهريون پوليو ڪيس آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي پوليو جو خطرناڪ وائرس ته ظاهر ٿيو آهي پر ٻارڙي معذور ٿيڻ کان بچي وئي آهي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 10 سالن کان نالن ۾ پوليو جو خطرناڪ وائرس موجود آهي.

LEAVE A REPLY