آسٽريليا ٻئي ون ڊي ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
57
AUSvPAK

شارجا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻئين ون ڊي ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

 آسٽريليا پاڪستان جو 285 رنسن جو هدف صرف 2 وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو.

 ڪپتان ايرون فنچ لڳاتار ٻئين ميچ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي سنيچري اسڪور ڪئي ۽ ڪيريئر بيسٽ اننگز کيڏندي 155 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

 سندس اننگز ۾ 11 چوڪا شامل هئا. هن عثمان خواجا سان گڏجي 209 رنسن جو اوپننگ اسٽينڊ به فراهم ڪيو.

 عثمان خواجا 88 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ميڪسويل 19 رنسن تي پويلين واپس موٽيو، شان مارش 11 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.

LEAVE A REPLY