فرانس جي مسلم ڪائونسل فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

0
61
FIR Youtube & Facebook

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي مسلم ڪائونسل ڪرائسٽ چرچ سانحي جي وڊيو سڌي ريت ڏيکارڻ تي فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

 فرينچ ڪائونسل آف مسلم فيٿ موجب نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي حملي جي پرتشدد ۽ انساني قدرن جي خلاف وڊيو فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي سڌي ريت نشر ٿي.

 مسلم ڪائونسل جو چوڻ آهي ته انساني قدرن جي ڀڃڪڙي تي فرانس ۾ موجود فيس بڪ ۽ يوٽيوب ڪمپنين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 فرانس ۾ اهڙين شڪايتن تي ٽئي سال قيد ۽ 75هزار يورو جو ڏنڊ لڳايو ويندو آهي.

ياد رهي ته 15 مارچ تي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ مسجدن تي دهشتگرداڻي حملي جي وڊيو حملو ڪندڙ سڌي ريت فيس بڪ تي جاري ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY