نان فائلرز جي 25 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس جي ترديد

0
77
FBR

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيڊرل بورڊ ريونيو (ايف بي آر) نان فائلرز جي 25 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ڪڍرائڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

 ايف بي آر طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ 25 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ڪڍرائڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس يا ان جي حد ۾ تبديلي جي ترديد ڪئي وئي آهي.

 ايف بي آر موجب انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ سيڪشن اي 231 ۽ 231 اي اي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي،  50 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ڪڍرائڻ تي نان فائلرز ٻڙي ڏهائي 6 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪندو جڏهن ته نان فائلر تي 25 هزار کان وڌيڪ جو ڊمانڊ ڊرافٽ بڻائڻ تي ٻڙي ڏهائي 6 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيندي.

 ايف بي آر جو چوڻ آهي ته فائلر لاءِ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي.

 ان لاءِ بئنڪنگ سسٽم ۾ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ رڳو نان فائلر تي لاڳو ٿيندي.

LEAVE A REPLY