پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ” ارٿ آور “ ملهايو ويندو

0
49
EarthHour

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڌرتي سان محبت جي اظهار لاءِ اڄ ارٿ آور ملهايو ويندو.

پاڪستان سميت 180 ملڪن ۾ اڄ رات مقامي وقت موجب ساڍي اٺين وڳي کان رات ساڍي نائين وڳي تائين ” ارٿ آور “ ملهايو ويندو.

موسمياتي تبديلين سبب زمين کي ٿيندڙ خطرن بابت آگاهي لاءِ هر سال اهو ڪلاڪ ملهايو ويندو آهي، جنهن تحت زمين تي رهندڙ لکين ماڻهو زمين سان محبت جو اظهار ڪندا آهن ۽ ان ڪلاڪ ۾ اڪثر روشنيون بند ڪيون وينديون آهن.

 هن سال ارٿ آور ملهائڻ جي ٿيم ڪنيڪٽ ٽو ارٿ connect to earth# رکي وئي آهي.

 ارٿ آور جي مناسبت سان رات ساڍا 8 ٿيندي آسٽريليا جي هاربربرج ۽ اوپرا هائوس جون سڀئي غير ضروري بتيون بند ڪيون وينديون جڏهن ته لنڊن ۾ بڪنگهم پئلس، ٽاور برج ۽ ٻين اهم هنڌن جون به غير اهم روشنيون وسائي گلوبل وارمنگ بابت آگاهي ڏني ويندي.

اهڙي ريت پئرس جي آئفل ٽاور، جاپان جو ٽوڪيو ٽاور، چين جي شهر بيجنگ جو اولمپڪ اسٽيڊيم، تائيوان جو تائي پي ٽاور ۽ مصر ۾ اهرام جون غيرضروري روشنيون به بند ڪيون وينديون.

  ارٿ ڪلاڪ جو ورلڊ وائڊ فنڊ ( ڊبليو ڊبليو ايف ) طرفان سال 2007ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن بعد هر سال اهو ڏينهن مارچ جي آخر ۾ هڪ مخصوص ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي.

LEAVE A REPLY