اسٽيٽ بينڪ بنيادي وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي

0
88
State Bank

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ بنيادي وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاليسي ريٽ ۾50 بيسس پوائنٽس جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ بنيادي وياج جي شرح 10.25 سيڪڙو مان وڌي 10.75 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي وياج جي شرح ۾ واڌ سان مقامي قرض تي سالياني وياج جي ادائيگي وڌي ويندي.

اسٽيٽ بينڪ موجب پاليسي ريٽ ٻن مهينن جي لاءِ لاڳو هوندو.

LEAVE A REPLY