ٺٺي ۽ سجاول جي حدن مان هٿ آيل تيل جا ذخيرا ڪراچي جي حدن ۾ ڄاڻائيڻ جون تياريون

0
266
oil in pakistan sea

سجاول (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي سجاول ۽ ٺٽي جي حدن مان ھٿ آيل تيل جي ذخيرن کي ڪراچي جي حدن ۾ ڄاڻائيڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪن ايگزن موبيل ڪمپني پاران ڪيل ڳولا دوران سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا ملڻ جا اشارا مليا آھن.

جتي ذخيرنا ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي اھا جاءِ ڪراچي کان 140 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف آھي اھي حدون ٺٽو ۽ سجاول جون آهن.

حدون ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جون ھجڻ باوجود حڪومت ڪراچي جي سامونڊي حدن ۾ تيل ملڻ جي بريفنگ ڏني آھي.

واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان پاران قوم کي وڏي خوشخبري ٻڌائيندي بيان جاري ڪيو ويو هو ته سامونڊي حدن مان تيل جا وڏا ذخيرا ھٿ اچڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آھن.

LEAVE A REPLY