ڀارت جو هڪ ٻيو جنگي جهاز ڪري تباهه

0
55
India jahaz tabah

جودهپور (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو هڪ ٻيو جنگي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي.

ڀارت جي مقامي ميڊيا موجب مگ 27 معمول جي اڏام دوران راجستان جي علائقي جو دهپور ۾ ڪري تباهه ٿيو، حادثي جو سبب في الحال معلوم ناهي ٿيو.

جهاز تباهه ٿيڻ کان اڳ پائليٽ پيراشوٽر ذريعي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

رپورٽن مطابق فيبروري ۽ مارچ دوران ڀارت جا مجموعي طور تي 10 جنگي جهاز تباهه ٿيا آهن جن مان 2 پاڪستان ڪيرائي تباهه ڪيا هئا.

ياد رهي ته ٽي هفتا اڳ به راجستان ۾ ڀارت جو جنگي جهاز مگ 27 ڪري تباهه ٿيو هو.

LEAVE A REPLY