حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي

0
58
Petrol Price

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي.

حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته لائٽ اسپيڊ ڊيزل ۽ گاسليٽ ۾ في ليٽر 3 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

 پيٽرول جي اگهه ۾ 6 رپيا واڌ کان پوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 99 رپيا 89 پيسن تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 117 رپيا 43 پئسا ۽ گاسليٽ 3 رپيا واڌ کانپوءِ 89 رپيا 31 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهه ۾ 11 رپيا 92 پيسا واڌ جي تجويز ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY