آسٽريليا خلاف پاڪستان کي آخري ميچ ۾ به شڪست

0
65
PAKvAUS

دبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف پاڪستان کي آخري ميچ ۾ به شڪست ئي نصيب ٿي.

تفصيل موجب آسٽريليا پنجين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو.

سيريز جي آخري ميچ ۾ ڪينگروز جي 328  رنسن جي جواب ۾ گرين شرٽس جي بيٽسمينن چڱي مزاحمت جو مظاهرو ڪيو پر ڪاميابي سان ميچ ختم نه ڪرڻ جي روايت برقرار رهي ۽ پاڪستاني ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 307 رنسن تائين محدود رهي.

حارث سهيل 130، شان مسعود ۽ عماد وسيم جون ففٽيون به ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيون.

نوجوان رانديگرن تي ٻڌل قومي ٽيم هڪ به ميچ ۾ ڪاميابي نه حاصل ڪري سگهي، سينيئرز سان گڏوگڏ نوجوان رانديگر به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا.

LEAVE A REPLY