ترڪي ۾ حڪمران جماعت کي 16 سالن کانپوءِ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو

0
117
rajab tayyab erdogan

انقرا ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيءَ جي مڪاني چونڊن ۾ صدر رجب طيب اردگان جي پارٽي ” اي ڪي پارٽي “ کي راڄڌاني واري شهر انقرا ۾ ٻن وڏن شهرن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي، جنهن کانپوءِ طيب اردگان جي پارٽي پنهنجي هار مڃي ورتي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽر“ جي رپورٽ موجب مخالف ڌر پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي اميدوار منصورياواس انقرا ۾ واضح سرسري حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته استنبول ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي اقتدار جي 16 سالن ۾ مڪاني چونڊن ۾ سندس پارٽي کي گادي واري شهر انقرا ۾ پهريون دفعو شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي جڏهن ته ملڪ جي واپاري شهر استنبول ۾ مڪمل نتيجا ناهن آيا، ان کان اڳ ئي رجب طيب اردگان پنهنجي هار تسليم ڪري ورتي آهي.

رجب طيب اردگان 90 جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات استنبول جي ميئرشپ سان ڪئي هئي ۽ هاڻ پهريون ڀيرو ملڪ جي سڀ کان وڏي واپاري شهر مان ميئرشپ سندس پارٽي جي هٿن مان نڪري چڪي آهي.

انقرا ۾ حمايتن کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان استنبول ۾ به شڪست مڃيندي چيو ته هاڻ سمورو ڌيان واپار کي بهتر بڻائڻ تي هوندو ۽ اي ڪي پارٽي پنهنجي خامين کي حل ڪندي.

LEAVE A REPLY