منهنجي گرفتاري بابت ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي: اويس مظفر ٽپي

0
99
Owais Muzaffar Tappi

دبئي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اويس مظفر ٽپي پنهنجي گرفتاري وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويڳي ڀاءُ اويس مظفر ٽپي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو دبئي ۾ موجود آهي، سندس گرفتاري بابت ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي.

ياد رهي ته گذريل رات کان اويس مظفر ٽپي جي گرفتاري وارين خبرون هلي رهيون آهن ته کيس دبئي ۾ انٽرپول ذريعي گرفتار ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY