مشهور ڳائڻي نازيه حسن جي اڄ 54هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

0
126
Nazia Hassan

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور پاپ ڳائڻي نازيه حسن جي اڄ 54هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

صدارتي ايوارڊ يافته ڳائڻي نازيه حسن 3 اپريل 1965تي ڪراچي ۾ جنم ورتو.

نازيه حسن اولهه ۽ اوڀر موسيقي جي گڏيل سنگم سان اهڙا گيت پيش ڪيا جيڪي ورهيه گذري وڃڻ باوجود به تمام گهڻو مقبول آهن.

نازيه حسن 1980ع ۾ 15 سالن جي عمر م ان وقت شهرت جي بلندين تي پهتي جڏهن هن ڀارت جي مشهور فلمساز فيروز خان جي فلم قرباني ۾ ” آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي مين آئي تو بات بن جائي“ ڳايو.

نازيه حسن کي پاپ ميوزڪ  ڳائڻ ڪري ڀارت، آمريڪا ، عرب امارتن سميت ٻين ملڪن ۾ ڀرپور موٽ ملي.

نازيه حسن 35 سالن جي عمر ۾ 13 آگسٽ 2000ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪري وئي پر نازيه حسن پنهنجي سريلي آواز ذريعي اڄ به زندهه آهي.

LEAVE A REPLY