آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان جون معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو ظاهر

0
47
IMF

نيويارڪ (ويب ڊيسسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جون معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ 2019ع مطابق پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي رفتار ۾ گهٽتائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي ۽ هلندڙ سال پاڪستان جي اقتصادي ترقي 2.9 سيڪڙو جڏهن ته ايندڙ سال 2.8 سيڪڙو رهندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي گهٽ شرح جو بنيادي سبب معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدم آهن جڏهن ته پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب به ڏکيائيون وڌنديون.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي 6 سيڪڙو هدف جي برعڪس 7.6 سيڪڙو رهندي، هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5.2 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 4.3 سيڪڙو رهندو.

رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال بيروزگاري 6.1 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 6.2 سيڪڙو رهندي، پاڪستان کي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

LEAVE A REPLY