ڪراچي جي ماڊل مبينا طور تي لاهور ۾ قتل

0
38
Model Murder

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي 22 سالن جي ماڊل لاهور ۾ مبينا طور تي قتل ٿي وئي آهي، اقراء نالي نينگري ماڊلنگ لاءِ گهروارن کان ڪاوڙجي ڪراچي کان لاهور آئي هئي.

لاهور پوليس مطابق گلشن راوي جي رهواسي ٽن ڄڻن عثمان، حسن بٽ ۽ رمضان بٽ 22 سالن جي اقراء سعيد کي ٻه ڏينهن اڳ بي هوشي واري حالت ۾ شاهدرا ٽيچنگ اسپتال ۾ داخل ڪرائي فرار ٿي ويا هئا.

علاج دوران اسپتال ۾ اقراء دم ڏنو، جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اقراء کي نشي واري شئي کارائي وئي جنهن سبب هوءَ فوت ٿي.

پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ماڊل اقراء جو تعلق ڪراچي سان ٻڌايو پيو وڃي آهي.

LEAVE A REPLY