حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جمون کان نئين دهلي جي تهاڙ جيل منتقل

0
83
yasin malik arrest

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي جمون کان نئين دهلي جي تهاڙ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب قابض ڀارتي حڪومت حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي جمون کان نئين دهلي جي تهاڙ جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪشمير ميڊيا مطابق ياسين ملڪ کي ڀارتي جاچ اداري ( اين آءِ اي ) جي خاص عدالت جي حڪمن تي نئين دهلي آندو ويو آهي جتي کائنس ڪوڙي فنڊنگ ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.

ياسين ملڪ کي اين آءِ اي گذريل مهيني گرفتار ڪيو هو جڏهن ته ڪوڙي ڪيس ۾ اڄ مير واعظ عمر فاروق کان به پڇاڻو ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY