پي آءِ اي جي ايئر هوسٽس پيرس ۾ پُر اسرار نموني گم

0
94
pia air hostess

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ايئرلائن جي ايئر هوسٽس پيرس ۾ پُر اسرار نموني گم ٿي وئي آهي.

تفصيل موجب پي آءِ اي جي فضائي ميزبان پيرس پهچڻ تي گم ٿي وئي آهي، لاهور سان تعلق رکندڙ ايئر هوسٽس ڊيوٽي دوران پيرس مان گم ٿي.

فضائي ميزبان شازيه گذريل ڏينهن لاهور کان پيرس جي فلائٽ پي ڪي 733 تي وئي هئي، بيس انچارچ مبينا طور تي سفارشي بنيادن تي پيرس جي ڊيوٽي لڳائي هئي.

ميڊيا رپورٽن مطابق پيرس پهچڻ تي فضائي ميزبان شازيه سعيد هوٽل جي ڪمري ۾ پنهنجو سامان رکڻ جي ٿوڙي دير کانپوءِ اتان بيلجيئم فرار ٿي وئي هئي.

پي آءِ اي جي ترجمان وضاحت ڏيندي چيو آهي ته شازيه 6 اپريل تي سيالڪوٽ کان پيرس پهتي هئي جنهن کي گذريل ڏينهن اڏام 734 ذريعي لاهور پهچڻو هو، شازيه خلاف ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته فضائي ميزبان شازيه جي ڪا به استعيفيٰ ناهي ملي، پي آءِ اي جي اسٽيشن مينيجر پوليس کي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

LEAVE A REPLY