عمران خان جي مودي بابت بيان تي ڀارت ۾ نئون بحث ڇِڙي ويو

0
58

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پاران ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي بابت بيان کانپوءِ ڀارت ۾ مودي ۽ ان جي جماعت خلاف هڪ نئين بحث شروع ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ ڪانگريس جي مقابلي ۾ مودي جي پارٽي ڪامياب ٿي ته ڪشمير بابت امن ڳالهين ۾ اڳرائي ٿيندي.

عمران خان جي اهڙي بيان کي ڀارت ۾ اپوزيشن جماعتون ان کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن.

ڪانگريس پارٽي جي ترجمان رنديپ سنگهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان سرڪاري طور تي مودي جي حمايت ڪري رهيو آهي، مودي کي ووٽ ڏيڻ پاڪستان کي ووٽ ڏيڻ برابر آهي.

LEAVE A REPLY