ڀارت ۾ عام چونڊن لاءِ 20 رياستن ۾ پولنگ، والاريل ڪشمير ۾ هڙتال

0
39
India Election

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام چونڊن لاءِ اڄ 20 رياستن ۾ پولنگ جاري آهي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي عام چونڊن خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي.

ڀارت جي قومي اسيمبلي جون چونڊون 7 مرحلن ۾ ٿيڻو آهن جنهن جي باقاعدا شروعات 20 رياستن جي 95 سيٽن تان ٿي رهي آهي.

جن رياستن ۾ پولنگ ٿي رهي آهي انهن ۾ آنڌرا پرديش، ارونچل پرديش، آسام، بهار، ڇتيس ڳڙهه، مهاراشٽرا، والاريل جمون ڪشمير، مانيپور، ميگهالايا، ميزورام، ناگالينڊ، اوديشا، سڪم، تلنگانا، اترپرديش ۽ اترکنڊ شامل آهن.

ٻئي پاسي والاريل ڪشمير ۾ پولنگ خلاف اڄ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري مرڪز بند ۽ رستن تي ٽريفڪ معمول کان به گهٽ آهي.

LEAVE A REPLY