مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو: اسد عمر

0
33
Asad Umar

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جي معشيت ترقي طرف وڌي رهي آهي، جلد مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو.

تفصيل مطابق واشنگٽن ۾ ناڻي واري وفاقي اسد عمر ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي وفد سان ڌار ڌار  ملاقات ڪئي آهي.

ناڻي واري وزير اسد عمر  ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف  جي وفد وچ ۾ ملاقات دوران ڪاروبارو جي وڏن موقعن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ملاقات دوران ورلڊ بينڪ جي صدر پاڪستان حڪومت پاران معشيت ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.

ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته  پاڪستان جي معشيت ترقي طرف وڌي رهي آهي، جلد مهانگائي  تي ضابطو آندو ويندو.

LEAVE A REPLY