عوام جي احتجاج کانپوءِ سوڊان جي صدر عمر حسن البشير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
42
Sudan President resign

خرطوم (ويب ڊيسڪ)  سوڊان جي صدر عمر حسن البشير عوام طرفان ڪيل احتجاجن کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،جنهن کانپوءِ تقريبن ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل سندس اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري مطابق سوڊان ۾ کائڻ پيئڻ جي شين ۾  واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ مطالبو ڪيو ته صدر عمر حسن کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي.

گذريل 6 ڏينهن کان صدر عمر حسن البشير جي خلاف احتجاجن هزارين ماڻهو آرمي هيڊ  ڪوارٽر ٻاهران جمع هئا جتي صدر جي رهائشگاهه ۽ بچاءُ واري آفيس به آهي.

شديد عوامي دٻاءُ کانپوءِ عمر حسن البشير صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ فوج ملڪي معاملا سنڀالي ورتا آهن.

ياد رهي ته 1956ع ۾ سوڊان جي آزادي کانپوءِ هن وقت تائين عمر حسن البشير ڊگهي ترين عرصي تائين صدر جي عهدي تي فائز رهڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن اهو عهدو 16 آڪٽوبر 1993 ۾ سنڀاليو هو.

LEAVE A REPLY