سنڌ ۾ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو مفت علاج شروع

0
147
Sindh bone marrow transplant

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ رت جي ڪينسر جي مريضن جو بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي مفت علاج لاءِ 2 وڏين اسپتالن جي چونڊ ڪري ورتي جتي رت جي ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو.

رت جي ڪينسر جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت ساليانو 500 ملين رپيا مقرر ڪيا آهن جيڪي ٻنهي اسپتالن کي هڪ جيترا جاري ڪيا ويندا.

جن اسپتالن ۾ رت جي ڪينسر جو مفت علاج ڪيو ويندو ان ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊيزيز ۽ ڊائو انٽرنيشنل اسپتال شامل آهن، ڊائو انٽرنيشنل اسپتال ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ ئي بون ميرو ٽرانسپلانٽ يونٽ قائم ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ايندڙ هفتي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ڪندو.

LEAVE A REPLY