اسرائيلي خلائي جهاز چنڊ تي لهڻ ۾ ناڪام

0
39
Israeli spacecraft crash

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي خلائي جهاز چنڊ تي لهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.

آمريڪي ٽي وي مطابق اسرئيل جو خلائي جهاز بري شيٽ زمين کان 40 لک ميل جو فاصلو طئي ڪري چنڊ جي مدار ۾ پهتو هو.

ڪيترائي ڏينهن چڪر ڪٽڻ کانپوءِ اڄ ئي چنڊ جي انداهي حصي ۾ سطح تي لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته چنڊ جي سطح سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو.

 جهاز چنڊ جي سطح تي لهي رهيو هو ته ان جو زمين تي ڪنٽرول سينٽر سان رابطو ڪٽجي ويو.

ان کان پهريان آمريڪا، روس ۽ چين چنڊ جي سطح تي لهندڙ ٽي ملڪ رهي چڪا آهن ۽ جيڪڏهن اسرائيلي جهاز لهي ها ته اسرائيل چنڊ جي سطح تي لهندڙ چوٿون ملڪ بڻجي وڃي ها.

LEAVE A REPLY