اميتاڀ بچن جي فيصلي مهوش حيات کي مايوس ڪري ڇڏيو

0
167
Showbiz

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا مهوش حيات بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ  بچن کي فلم ۾ پاڪستاني بڻجڻ کان انڪار ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بگ بي جي ان قدم سخت مايوس ڪيو.

ٻه ڏينهن اڳ اميتاڀ بچن طرفان پاڪ_ڀارت لاڳاپن تي ٻڌل فلم ۾ پاڪستاني شخص جو ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي پاڪستان ۾ موجود سندس مداحن کي سخت مايوسي ٿي هئي.

اميتاڀ بچن جي چاهيندڙن کي اميد نه هئي ته هو ڇڪتاڻ جي ان ماحول ۾ امن جو سفير بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو.

اميتاڀ جي ان عمل سان مايوس ٿيندڙن ۾ پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات به شامل آهي جنهن امتياڀ جي فيصلي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن خبر درست آهي ته اميتاڀ جي ان قدم کان سخت مايو س ٿي آهيان.

LEAVE A REPLY