گلوڪاره ميشا پنهنجي ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

0
64

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني گلوڪاره ميشا شفيع پنهنجي ڪيس جو فيصلو 90 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.

ميشا شفيع جي وڪيل طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ شاهدن تي جرح ملتوي ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني.

وڪيل چيو ته شاهدن تي جرح ڪرڻ بنيادي قانوني حق آهي، شاهدن کي وڃڻ بنا صرف ان جي بيان جي بنياد تي جرح ڪرڻ ممڪن ناهي، شاهد پيش ڪرڻ هڪ ڌر ۽ ان تي جرح ٻي ڌر جو حق آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ شاهدن تي جرح جي اجازت ڏيندي هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي.

LEAVE A REPLY