سيڙپڪارن سان دوکي جو الزام: عارف نقوي لنڊن ۾ گرفتار

0
42
Arif Naqvi Arrest

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سيڙپڪارن سان دوکي جي الزام ۾ ميٽرو پوليٽن پوليس ابراج گروپ جي سربراهه عارف نقوي کي لنڊن ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب عارف نقوي کي برطانيا جي شهر لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس 18 اپريل تي وڊيو لنڪ ذريعي برطانيا جي ويسٽ منسٽر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

عارف نقوي تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن هزارين ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري جو غلط استعمال ڪيو.

واضح رهي ته عارف نقوي ڪي اليڪٽرڪ جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار رهيو آهي، کيس ستارهِ امتياز سان به نوازيو ويو ۽ هو امن فائونڊيشن نالي سان فلاحي ادارو پڻ هلائي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY