دوائن جي اگهن ۾ واڌ: ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جو اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

0
44
drug regulatory authority audit

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جو اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، آڊٽ جو مقصد دوائن جي اگهن جي تعين ۾ شفافيت جو اندازو لڳائڻ آهي. 

تفصيل مطابق وفاقي حڪومت دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي وڏو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جو اسپيشل آڊٽ ڪرايو ويندو.

قومي صحت واري وزارت آڊيٽر جنرل پاڪستان جي نالي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊريپ جو 2013ع کان 2018ع تائين آڊٽ ڪيو وڃي، ڊريپ جو اسپيشل آڊٽ دوائن جي اگهن بابت ڪيو وڃي.

خط موجب آڊٽ جو مقصد دوائن جي اگهن جي تعين ۾ شفافيت جو اندازو لڳائڻ آهي، ميڊيا ۾ ڊريپ بابت بي ظابطگين جا الزام سامهون اچي رهيا آهن.

LEAVE A REPLY