گيس جي اگهن ۾ 80 سيڪڙو واڌ جو امڪان

0
82
Gas Price

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت گيس جي اگهن ۾ 80 سيڪڙو واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

تفصيل مطابق اوگرا جي چيئر پرسن عظميٰ عادل لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوئي گيس جي اگهن ۾ اضافو اڻٽر آهي، گيس جي خريداري واري اگهن ۾ واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته 723 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو گيس جي قيمت ۾ اضافو گهريو ويو آهي جنهن سبب 75 کان 80 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي، نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندا.

اوگرا چيئر پرسن چيو ته سوئي ناردرن جي غير ضروري خرچن کي قبول نه ڪيو ويندو، ڊالر جو اگهه وڌڻ جو سبب هڪ فيڪٽر آهي.

LEAVE A REPLY