پيرس جي ساڍا 800 سئو سال پراڻي گرجا گهر ۾ باهه لڳي وئي

0
49
NotreDameCathedral

پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس جي ساڍا 800 سئو سال پراڻي گرجا گهر ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ تاريخي عمارت کي سخت نقصان پهتو.

تفصيل موجب فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ۾ واقع تاريخي نوٽرڊيم چرچ جي ڇت تي باهه لڳي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي مينار کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جون ٽيمون باهه کي قابو ڪرڻ لاءِ واقعي واري هنڌ تي پهتيون ۽ ڪجهه ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ باهه تي ضابطوآندو ويو.

چرچ ۾ باهه لڳڻ سبب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جو طئي ٿيل خطاب به ملتوي ڪيو ويو.

تاريخي نوٽرڊيم چرچ ۾ باهه جا سبب سامهون نه اچي سگهيا جڏهن ته چرچ ۾ مرمت ۽ آرائش جو ڪم جاري هو.

LEAVE A REPLY