ڪئنيڊا ۾ فائرنگ جي ٽن مختلف واقعن ۾ چار ڄڻا مارجي ويا

0
43
Canada Firing

اوٽاوا ( ويب ڊيسڪ ) ڪئنيڊا جي علائقي پينٽيڪن ۾ فائرنگ جي ٽن مختلف واقعن ۾ چار ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪئنڊين پوليس موجب ٽن مختلف هنڌن تي فائرنگ جا واقعا پيش آيا آهن ۽ سمورا واقعا 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پيش آيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پينٽيڪن ۾ فائرنگ جو واقعو مقامي وقت موجب صبح 10 لڳي 30 منٽن تي پيش آيو، اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر پوليس جي پهچڻ کان اڳ ڪجهه مفاصلي تي ئي فائرنگ جو ٻيو واقعو پيش آيو.

پوليس موجب جوابدار هڪ، هڪ ڪلاڪ جي وقفي سان فائرنگ ڪئي جڏهن ته فائرنگ جا ٽئي واقعا ٽارگيٽ ڪلنگ هئا.

پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي جاچ دوران 60 ورهين جي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو جاچ مڪمل ٿيڻ تائين حراست ۾ رهندو جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY