خاموش رهي دنيا کي کلائيندڙ چارلي چپلن جي 130 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

0
83

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) پاڻ خاموش رهي پوري دنيا کي کلائيندڙ چارلي چپلن جي 130 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

 چارلي چپلن هڪ سئو فلمن ۾ ڪم ڪيو، 72 فلمون لکيون، ست ڊائريڪٽ ڪيون.

وڏا وڏا بوٽ، ڍري پينٽ، هٿ ۾ لٺ، خاموش فلمن جو اهڙو مزاحيه اداڪار جنهن جو نالو ٻڌندي ئي چهري تي مسڪراهٽ اچي ويندي آهي.

 چارلي چپلن پنج سال جي عمر ۾ اسٽيج تي اچي پنهنجا جوهر ڏيکاريا. هن ڪمال جي آرٽسٽ چوڏنهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ماءُ کي چرين جي اسپتال ۾ ڏٺو. پر پنهنجي ڏک کي دل ۾ لڪائيندي پهريان  لنڊن ۽ پوءِ نيو يارڪ ۾ اڻٿڪ محنت سان پنهنجو نالو ڪمايو.

چارلي چپلن بطور ڊائريڪٽر فلمساز ٻن فلمون گولڊ رش ۽ سٽي لائنس دنيا ۾ هينئر تائين ٺهندڙ ڏهه بهترين فلمن ۾ شمار ڪيون وينديون آهن.

 کيس اداڪاري هدايتڪاري، فلمسازي ۽ اسڪرپٽ ۾ مهارت تي اسپيشل ايوارڊ سان نوازيو ويو.

LEAVE A REPLY