ملتان ۾ برساتن ۽ ڳڙي تباهي مچائي ڇڏي، هزارين ايڪڙن تي بيٺل تيار فصل تباهه

0
51
Punjab Rain

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي ڏوراهين علائقن ۾ 15 منٽن جي پوندڙ ڳڙي تباهي مچائي ڇڏي، هزارين ايڪڙن تي بيٺل  تيار فصل تباهه ٿي ويا.

تفصيل مطابق ڳڙو پوڻ سبب ڀاڄي، چارو، مڪئي ۽ ڪڻڪ جون فصلون تباهه ٿي ويون جنهن سبب هارين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

هوڏانهن راجن پور جي علائقي ڪوهه سليمان تي به برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪيترائي گهر ۽ هزارين ايڪڙن تي تيار ڪڻڪ جي فصل تباهه ٿي وئي آهي.

فلڊ ڪنٽرول روم موجب ڪاها سلطان جي ٻوڏ جي وهڪري راجن پور ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪوهه سليمان جي برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي.

 ان حوالي سان وزيراعظم جي ترجمان نديم افضل چن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان  فصلن کي ٿيل نقصان بابت آگاهه آهي، حڪومت ۽ ٻيا ادارا هر ممڪن ڪردار ادا ڪندا.

 پنجاب جي خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير سميع الله چوڌري فصلن کي پهچندڙ نقصان جو جائزو وٺندي، لاهور، قصور، ملتان ۽ بهاولپور جي ضلعن جو دورو ڪيو آهي.

وزير زراعت پنجاب نعمان لنگڙيال جو چوڻ آهي ته 35 هزار ايڪڙ ايراضي تي ڪڻڪ ۽ مڪئي جي فصل کي نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري هارين کي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو جڏهن ته وزيراعليٰ پنجاب سڀاڻي ڪابينه جو اجلاس به سڏائي ورتو آهي.

LEAVE A REPLY