هدايتڪار مهيش ڀٽ بالي ووڊ اداڪارا کي جوتو وهائي ڪڍيو

0
81
Kangana Ranaut

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪنگنا رانوت جو هدايتڪار مهيش ڀٽ سان هڪ نئون تڪرار سامهون آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي اداڪارا ڪنگنا رانوت جيڪا ٻين ناليوارن اداڪارن سان ڪنهن نه ڪنهن  ڳالهه تي جهڳڙو رهندو آهي.

اڄڪلهه هدايتڪار مهيش ڀٽ سان هڪ نئين مسئلي جو شڪار ٿي وئي آهي.

نئين فلم ”وه لمحي“ جي پريميئر جي موقعي تي هدايتڪار مهيش ڀٽ ادڪارا ڪنگنا رانوت کي ڪاوڙ ۾ اچي جوتو اڇلائي هنيو.

ڪنگنا رانوت جي ڀيڻ رنگولي جو چوڻ هو ته ڪنگنا رانوت پاران مهيش ڀٽ جي فلم ڌوڪا ۾ خودڪش حملي آور جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي مهيش ڀٽ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ هن ڪنگنا رانوت کي جوتو اڇلائي هنيو.

جڏهن ته مهيش ڀٽ جي خاندان پاران ان واقعي جي ترديد ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY