اسد عمر جو وڃڻ ئي رهجي ويو هو: خورشيد شاهه

0
33
Khursheed Shah

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر کي ملڪي معيشت ۽ قرضن جي ڄاڻ هئي پر هن عوام کي جنت جا ڪوڙا خواب ڏيکاريا.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان ڪابه لائن ڊرا ناهي ڪئي اسد عمر کي ملڪ جي اڪانامي بابت ڪوبه تجربو ناهي.

هن چيو ته اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر جي تبديلي نظر اچي رهي هئي، هو هر هر ناڪام ٿي رهيو هو هن جو وڃڻ ئي رهجي ويو هو.

خورشيد شاهه چيو ته اسان شروع کان ئي چوندا اچون ته هاڻوڪي حڪومت جي پاليسين سان معاشي حالتون خراب ٿينديون، اسان هر هر چيو پر اسان جي ڳالهه کي مذاق ۾ ورتو ويو.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪا سياسي پارٽي ناهي، هن کي آندو ويو آهي هنن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، سڀني سياسي پارٽين مان ماڻهون ڪڻي هڪ پارٽي ٺاهي وئي آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته اسان حڪومت جي ناڪامي تي سياست نه ڪنداسين، هن حڪومت ڪاروباري طبقي جو اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آهي.

LEAVE A REPLY