مشهور اداڪار محمد علي جي 88هين سالگره اڄ ملهائي پئي وڃي

0
40
film star muhammad ali

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي جڏهن به تاريخي لکي ويندي آهي ته جذباتن جي  شهنشاهه محمد علي جو نالو پهريان هوندو آهي، لفظن جي ادائيگي ۾ ڪمال جي مهارت رکندڙ  اداڪار محمد علي جو اڄ 88 جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ڳالهائڻ جي منفرد  انداز ۽  بهترين اداڪاري سان ڪردارن ۾ جان وجهندڙ عظيم اداڪار محمد علي 1934 تي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ پيدا ٿيو ۽ ورهاست کانپوءِ پاڪستان آيو.

محمد علي پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو کان بطور صداڪار جي طور تي ڪئي. مقناطيسي آواز جي مالڪ شوبز جي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ بڻائي.

محمد علي جي منفرد  انداز سان اداڪاري  سبب هن شوبز ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ بهترين اداڪاري سان ڪردار ۾ جان وجهڻ جو فن به کيس ايندو هو.

 هن پنهنجي فلمي سفر جو آغاز فلم چراغ جلتا رهي کان ڪيو ۽ پوءِ شوبز جي دنيا تائين محدود رهجي ويو.

اداڪاره شبنم، بابره شريف ۽ ديبا سميت ماضي جي سمورين مشهور اداڪارائن سان هن هيرو جي طور تي ڪم ڪيو پر زيبا سان سندس جوڙي گهڻي مشهور ٿي ۽ پوءِ حقيقي زندگي ۾ به ٻئي پڪي رشتي ۾ ٻڌجي ويا.

محمد علي آگ کا دريا، انسان اور آدمي، شمع، آئينه اور صورت، ڪنيز اور صاعقه سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو.

مشهور اداڪار محمد علي کي تمغه امتياز ۽ تمغه حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو، محمد علي ته 19 مارچ 2006 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس منفرد انداز ۽ اداڪاري اڄ تائين چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده آهي.

LEAVE A REPLY