مرغي جو گهٽ پڪل گوشت انساني صحت لاءِ خطرناڪ قرار

0
102
Chicken Half Fry

برلن (ويب ڊيسڪ)  صارفين جي حقن جي نگران تنظيم“جرمن واچ” خبردار ڪيو آهي ته مرغي جي سستي گوشت ۾ اينٽي بائيوٽڪ جي خلاف مزاحمت پيدا  ڪندڙ بيڪٽرياز جي موجودگي انساني زندگي جي لاءِ خطرناڪ آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب تنظيم اهڙي گوشت جي نمونن کي ليبارٽري ٽيسٽس جي نتيجن جي روشني ۾ سخت تحفظاٽ جو اظهار ڪيو آهي.

جرمن واچ موجب مارڪيٽن ۾ موجود گوشت صحت لاءِ هاڃيڪار هو.

 تنظيم موجب مرغي جي گوشت جا 59 مختلف نمونا رعايتي مارڪيٽن مان کڻڻ کانپوءِ ان جو يونيورسٽي جي ليبارٽري ۾ تجربو ڪيو ويو.

تجرباتي رپورٽ موجب فراهم ڪيل نمونن ۾ 56 سيڪڙو ۾ اهڙا جراثيم مليا آهن جيڪي اينٽي بائيوٽڪ جي خلاف مزاحمت ڪندڙ آهن.

تجرباتي ليبارٽري ۾ ٽيسٽ جي لاءِ مرغي جي گوشت کي جرمني جي اندر واقع چئن سڀني کان وڏي مذبح خانون(گوشت وڪرو ڪندڙ دڪان) فراهم ڪيو هو.

جرمني جي زراعت کاتي پاران ڪيل ريسرچ تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پولٽري انڊسٽري ۾ اينٽي بائيوٽڪ جو گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

ائين به ڏٺو ويو آهي ته انسانن ۾ بيڪٽرياز کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي اثرن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

ماهرين حياتيات موجب جيترو وڌيڪ اينٽي بائيوٽڪ جو استعمال مرغي ۾ ڪيو ويندو آهي اوترو بيڪٽرياز ۾ مزاحمت پيدا ٿيندي جنهن جو منطقي ۽ طبي نتيجو اهو نڪرندو جو هو انساني صحت جي لاءِ سخت خطرن جو سبب بڻجي ويندا آهن.

 ماهرين جو خيال آهي ته مرغي جي گوشت کي جيڪڏهن سٺي طريقي سان پچايو وڃي ته ان ۾ موجود بيڪٽرياز جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

مرغي جي گهٽ پڪل گوشت بابت ماهرين يقين رکن ٿا ته هن ۾ موجود بيڪٽرياز ختم ناهن ٿيا ۽ اهي ڪنهن به انسان کي بيمار ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

انساني جسم ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين بابت ماهرين جو چوڻ آهي ته هي انسانن کي موت جي منهن ۾ به کڻي وڃي سگهن ٿا.

اهڙي طرح ماهرين خبردار ڪيو آهي ته گوشت ڪٽڻ واري بورڊ يا تختي تي به سپر بگ بيڪٽريا موجود هوندو آهي جيڪو انساني جان لاءِ خطرناڪ آهي.

ماهرين موجب پولٽري جي فارم تي ڪم ڪندڙ ملازم به بيڪٽرياز جو شڪار ٿي سگهن ٿا، هي بيڪٽرياز ساهه جي ذريعي به انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

LEAVE A REPLY