وزيراعظم سان پي سي بي اختيارين ۽ قومي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي ملاقات

0
42
Cricket Team

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سان ورلڊڪپ لاءِ منتخب ٿيندڙ قومي ٽيم ملاقات ڪئي آهي.

وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ 17 رانديگرن سان گڏ چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احسان ماني، ڪوچ مڪي آرٿر ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق به شريڪ هئا.

پي سي بي اختيارين وزيراعظم کي ورلڊ ڪپ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني.

وزيراعظم عمران خان رانديگرن جو حوصلو وڌائيندي چيو ته انگلينڊ مشڪل ڪنڊيشنز ۾ دليري سان کيڏڻو پوندو، سرفراز احمد کي قيادت جو حق ادا ڪندي پاڻ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم عمران خان جنيد خان، فهيم اشرف، حسن علي سميت بالرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي مشورا ڏنا.

LEAVE A REPLY