پاڪستان ۾ تيل جو نئون ذخيرو هٿ

0
141
Pakistan Oil

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ تيل جو نئون ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي، تيل جو نئون ذخيرو راولپنڊي جي ضلعي غوري بلاڪ مان هٿ ڪيو ويو آهي.

شروعاتي نتيجن موجب کوهه مان روزاني 372 بيرل تيل نڪري رهيو آهي، تيل جو ذخيرو ماڙيپور پئٽروليم ڪمپني دريافت ڪيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ عرب سمنڊ ۾ ڪيڪڙا بلاڪ ۾ سمنڊ هيٺ تيل جي ڳولا ڪندڙ ڪم ٽيڪنيڪي خرابي سبب بند ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب ٽيڪنيڪي خرابي ڊرلنگ دوران پيش آئي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته امڪاني طور بٽ يا رگ راڊ ۾ ايندڙ ٽيڪنيڪي خرابي سبب سمنڊ ۾ تيل جي ڳولا جو ڪم عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY