ارشاد رانجهاڻي قتل خلاف آواز اٿاريندڙ صحافي مشتاق سرڪي گرفتار

0
117
ReleaseMushtakSarki

ڪراچي: ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف آواز اٿاريندڙ سينيئر صحافي مشتاق سرڪي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس طرفان ناليواري صحافي مشتاق سرڪي مٿان 6 مختلف ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

صحافي تنظيمن مشتاق سرڪي جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي آهي، صحافي تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته مشتاق سرڪي کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڃي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو:هڪ صحافي سنڌ پوليس جي نظام کي ڌوڏي ڇڏيو

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سينيئر صحافي مشتاق سرڪي پنهجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو هو ته هن کي ارشاد رانجهاڻي قتل خلاف آواز اٿارڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.

هن سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بابت به انڪشاف ڪيا هئا.

LEAVE A REPLY