تحريڪ انصاف جي حڪومت5 سال پورا ڪندي: شيخ رشيد جي دعويٰ

0
113
Shaikh Rasheed

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي.

تفصيل موجب اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي، اهو ڪپتان جو ڪم آهي ته بائونڊري تي ڪنهن کي وٺي وڃي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ گهڻا ماڻهون پهريون ڀيرو آيا آهن، وزيراعظم عمران خان کي 5 سال پورا ڪندي ڏسي رهيو آهيان، وزيراعظم جڏهن حڪومت ۾ آيو ته ناڻي نالي ڪا شئي ئي نه هئي.

شيخ رشيد چيو ته جنهن مٿان نيب جا ڪيس هوندا ان کي وزيراعظم برداشت نه ڪندو، نوازشريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري جو ڪوبه سياسي مستقبل ناهي، بلاول جيڪڏهن پنهنجي والد جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ بيٺو ته سندس سياسيت به ختم ٿي ويندي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هاڻوڪي آئين کي اڳتي وٺي هلڻو آهي، وزيراعظم اهڙي وزير کي ڪابينا مان ڪڍيو جنهن جو آئون تصور به نٿو ڪري سگهان، چين کان واپس موٺڻ تي هڪ وڏي خوشخبري ٻڌائيندس.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، اسد عمر آءِ ايم ايف سان معاملا طي ڪري آيو آهي.

LEAVE A REPLY